عبدالقادر چولياڻي

عبدالقادر چولياڻي: مشهور صوفي درويش ۽ شاعر، عبدالقادر چولياڻي ولد محمد رمضان چانڊيو، 1898ع ڌاري وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. قادري سلسلي سان لاڳاپيل هو. نئون ديرو جي راشدي خاندان جي سيد بخشڻ شاهه جو مريد ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. سندس ڪلام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گڏ ڪيو. سندس ڪلام ۾ ڏوهيڙا، بيت، ڪافيون، مداحون، سينگار جا بيت وغيره شامل آهن. سندس ڪيترو ئي ڪلام ضايع ٿي ويو. سندس نالي جي پٺيان وارهه شهر، ڀرسان ڳوٺ قائم آهي. هن 1986ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: چولياڻي هن چانڊئي تي، راضي ٿيو آ رب، پناهه ڏيندو پرور، منهنجو شاهه رکندو شب، الله هن عبدالقادر کي، ڏجان ايمان وارو ادب، مولا ميل محب، ته سئو ڀيرا صدقو وڃان.


لفظ عبدالقادر چولياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو